اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گو??ن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ۽ منصوبي جي پهرين يونٽ جي مڪمل ٿيڻ سان چترال ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن کي 36 ميگاواٽ بجلي دستياب هوندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب 2015ع ۾ چترال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ وفاقي حڪومت واپڊا کي هدايت ڪئي ته چترال ۽ ڀ??پاسي وارن علائقن جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گو??ن گول منصوبو فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. منصوبي سان پيدا ٿيندڙ بجلي چترال جي توانائي جي ضرورتن کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي جيڪا مستقبل جي ضرورتن کي به پورو ڪندي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز