چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صد?? ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چي?? جي چئن ڏينه?? جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چي?? جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي ??ائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معا??لن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي صد?? کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صد?? اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چي?? جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، ايس سي او ۾ پاڪستا?? جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آهي، صد?? کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چي?? جي صد?? شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II