اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جي انتهاپسند قيادت پاران والاريل ڪشمير ۾ ممڪن نسل ڪشي کان لاعلمي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سخت خطري جو سبب بڻجندي، پ??ڪس??ان ڀارت تي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته مظلوم ڪشميرين جي نسل ڪشي قطعي طور برد??شت نه ڪئي ويندي، پوري پ??ڪس??اني قوم پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، اسان ڪنهن به موڙ تي انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اسان انهن سان گڏ آهيون ۽ سدائين گڏ رهنداسين، ڀارتي حڪمرانن کي چوان ٿو ته اهي هوش کان ڪم وٺن ۽ حالتن کي ايستائين نه پهچائين جتان واپسي ممڪن نه هجي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث