اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي ج??عي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پر??يهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خط?? جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پر??يهي وزير فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئل?? جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پر??يهي وزير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئل?? جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پر??يهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پر??يهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پر??يهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان فلسطيني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز