مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪند??. پ??هنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سن??راڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔