اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ م??تل?? هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف ??وٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موق??ي تي پي ٽي آءِ ??وٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراه?? ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ ??وٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔