اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي ??ان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم ??مران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں