اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان جي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پ??ڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف ??ڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ڪندا??ين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره او??نگ??يب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم او??نگ??يب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائ??نس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪروڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائ??نس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو آهي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو ويندو آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات واري وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ايندي ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ٻين ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، نور عالم خان جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف ??دم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016ع، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪندو آهي، اطلاعات واري وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وارننگ ڏيندي آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ??رزي جو مرتڪب ٿيندو آهي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف ??هم هلائي وئي جلد ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪندا??ين.
فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب