اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪ??تا?? ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪ??تا??ي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي پاڪ??تا?? جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪوم?? پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪ??تا?? جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻه?? جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻه?? جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئس?? جي اخراج ۾ پاڪ??تا?? جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلي?? جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪوم?? پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پاڪ??تا?? گڏ??ل اعتماد ۽ گڏ??ل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابط?? جي شعبن ۾ پائيدار تعاو?? جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪ??تا?? جي مدد جي لاءِ پرعزم آهي. هن پرڏيهي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاو?? جي وڌيڪ شعب?? جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪ??تا?? ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪ??تا?? جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪ??تا?? آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : رومن دولت