راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي م??تقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت تائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي آفت سٽيل علائقن مان محفوظ هنڌن تي م??تقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنج??ب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 ريليف ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ??ري رهيون آهن. هن وقت تائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تائين جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. سڄي م??ڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌي?? خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آهن.
پاڪ فوج جون ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون جاري
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔