اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب اما??ات مان ٽي امدادي اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح ??نٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب اما??ات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب اما??ات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد