شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تب??هي?? کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي ??ور?? تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تب??هي?? جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گ??ٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تب??هي?? کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.
اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا