اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاه?? برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو ا??هار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئ?? خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاه?? برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لاءِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اج??اس کي آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس ۾ وزيراعظم کي آبادگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيل?? بريفنگ ڏني وئي.
آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک