??سل??م آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستا?? جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آه?? جيڪ?? پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب ??ٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل