اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪي سگهجن ٿيون، اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آهي، بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي ??ان ملڪ مان وات جي بيمار??ن جو خاتمو ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وات جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته 20 مارچ تي ڏند?? ۽ ??ات جي بيمارين کي روڪڻ تي ڌيان ڏن?? وڃي. حضور ﷺ وات ۽ ڏندن جي صفائي جو ڪثرت ??ان اهتمام ڪندا هئا. اسلام ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آهي. صحيح بخاري ۾ اٽڪل 21 حديثن ۾ وات جي صفائي ۽ مسواڪ جو ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مسواڪ يا برش ??ان ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪن، ان ??ان بيمارين کي روڪڻ ??ان گڏوگڏ صحت به بهتر رهندي. صدر چيو ته وات جي بيمار??ن جو علاج مشڪل ۽ مهانگو هوندو آهي. بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي ??ان ملڪ مان وات جي بيمار??ن جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته سوپاري وات جي ڪينسر جو سبب آهي، ان لاءِ ماڻهو ان کان پرهيز ڪن.
وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪي سگهجن ٿيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج