اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ 9 ارب 11 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصوبن جي لاءِ 21 ارب 10 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 3 ارب 68 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصوبن جي لاءِ 50 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصوبن جي لاءِ 57 ارب ر??يا رکيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪ??شن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪروڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي لاءِ 28 ارب 45 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام لاءِ هڪ ??رب رپيا، بين الصوبائي رابطا اقتصادي لنگهه جي لاءِ 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي لاءِ 20 ڪروڙ ر??يا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال لاءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي لاءِ هڪ ??رب ر??يا رکيا ويا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ هڪ ??رب 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد روڊ کان ڪامونڪي موٽروي لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ ??رب ر??يا رکيا ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، روهڙي کان گڊو بئراج تائين رستي جي بهتري لاءِ 4 ارب رپيا، ٽنڊو الهيار کان ٽنڊو آدم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب رپيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ هاءِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير لاءِ 4 ارب رپيا، سانگهڙ کان نيشنل هاءِ وي اين 5 رستي جي بهتري لاءِ 3 ارب رپيا، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ 2 ارب رپيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 2 ارب ر??يا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 10 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چا??يل?? ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي لاءِ هڪ ??رب 50 ڪروڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيز??شن جي لاءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه شريف اين – 55 رستي لورالائي موسيٰ خيل جي لاءِ هڪ ??رب ر??يا رکيا ويا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير لاءِ هڪ ??رب رپيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ڪراس تائين رستي جي بهتري ۽ ويڪرائي جي لاءِ هڪ ??رب ر??يا جڏهن ته خاني ڪراس کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، ويڪرائي ۽ بهتري جي لاءِ هڪ ??رب ر??يا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena