مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي ميڊيا بابت وزير سلمان ??لد??اري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪ??تان (اي پي پي) سان حج ڪوريج حوالي سان سهڪار کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ان ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائي مضبوط بڻايو ويندو. سعودي عرب جي ميڊيا بابت وزير اي پي پي جي ايڊيٽوريل ڊيسڪ ۽ ميڊيا سينٽر جو دورو ڪيو. جيڪو ??ج جي جامع ڪوريج کي يقيني بڻائن لاءِ هڪ مقامي هوٽل ۾ قائم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اي پي پي ??اڪ??تان جي اهم ۽ سڀ کان وڏي خابرو ايجنسي آهي، هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته گڏيل طور تي فائديمند سهڪار کي اڳيان وڌايو ويندو. هن منى ۾ ميڊيا واري وزارت طرفان قائم ڪيل ايڊيٽوريل ڊيسڪ جو به دورو ڪيو. هوڏانهن سعودي عرب جي ميڊيا واري وزارت حج سيزن 2023ع لاءِ ورچوئل پريس سينٽر (وي پي سي) قائم ڪيو آهي ته جيئن سالياني ??ج جي جامع ڪوريج فراهم ڪئي وڃي. اعليٰ معيار جو مواد پيش ڪري سگهجي ۽ رپورٽرن جي ڪم ۾ آساني ٿئي. هڪ مرڪز هڪ اليڪٽرانڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جيڪو سرڪاري ايجنسين ۽ حج سيزن جو احاطو ڪندڙ نيوز آئوٽ ليٽس لاءِ ورچوئل خ??متون ??راهم ڪندو. 900 رجسٽرڊ رپورٽرز پليٽ فارم تان ڊائون ??وڊنگ ڪيل خ??رن، تصويرن ۽ ويڊيوز مان فائدو کڻي سگهندا ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ نشر ٿيندڙ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ حصو وٺي سگهندا. مرڪز ۾ رجسٽرڊز رپورٽر عهديدارن سان گڏجي انٽرويو، حج سيزن جا انگ اکر، يا ڪنهن قسم جي سوال جواب لاءِ پنهنجون درخواستون به جمع ڪرائي سگهندا.
اي پي پي سان حج ڪوريج جي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌايو ويندو: سعودي عرب جو ميڊيا بابت وزير سلمان الدساري
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی