اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان جي اثرن بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال بي ايس جي آئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون جاري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان جوڙي گڏيل ??ومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل ??ومن سان پاڪستان جي جاري تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل تازي منصوبي کان پڻ آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina