اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪا??وب??ري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪا??وب??ري رابطن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ?? سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدا?? پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سنگاپور جي ڪا??وب??ري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنگاپور ۾ پاڪستاني خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ?? سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدا?? پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو