اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لارنس ڪاليج گهوڙا گلي مري ۾ 157 هين يوم تاسيس جي تقريبن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جيڪا سندس مادر علمي به آهي. شاهد خاقان عباسي 42 سال اڳ هتي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڪاليج سان لاڳاپيل پنهنجي حسين يادن جو ذڪر ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو گورنر محمد رفيق رجوانه به شرڪت ڪئي. لارنس ڪاليج گهوڙا گلي 1860ع ۾ سر هنري منٽگمري لارنس جي نالي تي قائم ٿيو هو، ڪاليج ۾ پهرين درجي کان وٺي ٻارهين درجي تائ??ن 560 شا??رد تعليم پرائي رهيا آهن جنهن ۾ چئين صوبن سميت ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جا شا??رد به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز