اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف قوم سان واعدو ڪيو آهي ته هو آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندو، هو پنهنجو اهو ئي واعدو پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙن ڪرپشن جي الزامن ۾ جن تي نه ته ڪو ريفرنس ٺهي سگهيو ۽ نه ئي ڪو ثبوت ملي سگهيو آهي تنهن هوند?? به هو عدالت پيش ٿي رهيو آهي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائڻ دو??ان جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي باوجود اڳوڻو وزيراعظ?? عدا??ت ۾ ڇو پيش ٿي رهيو آهي ته هن چيو ته اڄ اهو ڏينهن به اچي ويو آهي ته توهان پڇي رهيا آهيو ته نواز شريف ڇو پيش ٿي رهيو آهي، ۽ هڪ طرف اهو ڏينهن به هو جڏهن چيو پئي ويو ته نواز شريف ملڪ مان ڀڄي ويو آهي ۽ واپس پيش نه ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث