اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير ج??رل جيمز ميٽس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، آمريڪي دفاع واري وزير جي حيثيت سان ج??رل جيمز ميٽس جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، آمريڪي دفاع واري وزارت جا سينيئر عملدار ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم جي معاونت دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو وزيرن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عمل??ار?? ڪئي. آمريڪي دفاع واري وزير ج??رل جيمز ميٽس چيو ته سندس دوري جو مقصد پاڪستان سان پائيدار، مثبت ۽ مستقل لاڳاپن جي لاءِ گڏيل بنياد ڳولڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي جي ڏس ۾ هو پاڪستان جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين ۽ جانين جي زيان بابت پوري طرح آگاهه آهي ۽ هو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ذاتي طور تي قدر ڪري ٿو ۽ ا?? کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں