گڏيل قومون -24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو اسرائيل فلسطين جنگ جي حوالي سان اجلاس خميس تي ٿيندو. سعودي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي صدر اهڙو اعلان ميمبر ملڪن جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل هاڻي تائين جنگ بابت ڪنهن ٺهراءَ تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر عرب ۽ ٻين ملڪن جي هڪ گروپ بشمول اردن، روس، شام، بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گڏجاڻي شيڊول ڪرڻ لاءِ باضابطا طور تي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل گذريل هفتي هڪ روس جي ٺهراءَ جي مسودي کي رد ڪيو هو جن??ن ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هو. 15 ميمبر ملڪن مان رڳو 5 ان متن جي حمايت ڪئي جن??ن ۾ شهرين خلاف سموري تشدد ۽ دهشتگردي جي سمورين ڪارروائين جي مذمت ڪئي وئي هئي، جڏهن ته حماس جو نالو نه ورتو ويو، ان بعد آمريڪا برازيل طرفان پيش ڪيل ٻئي ٺهراءَ کي ويٽو ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متن ۾ اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق جو ذڪر نه هو. ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبرن ان ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جن??ن ۾ هماس حملن جي پڻ مذمت ڪئي هئ??. ج??هن ته روس ۽ برطانيه ان ۾ حصو ورتو. سلامتي ڪائونسل خميس ڏينهن صبح جو جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اڱار?? تي ان مسئل?? تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اجلاس به ڪيو.
اسرائيل فلسطين جنگ بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس خميس تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن