پيانگ يانگ _ 9 آڪٽوبر (اي پي پي )اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان چيو آهي ته سندس ملڪ اي??مي هٿيارن سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف تيزي سان قدم وڌائيندو ۽ دشمن جي حملي جي صورت ۾ انهن جي استعمال کان پاسو نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول جو نالو کڻي کيس خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ ان حقيقت تي روشني وڌي ته ڏکڻ ڪوريا وٽ ته مناسب اسٽريٽجڪ هٿيار به ناهن. اتر ڪوريا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي خطاب ۾ ڪم جونگ ان چيو ته سچ پڇو ته اسان جو ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪرڻ جو قطعي ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته جڏهن به اسان فوجي طاقت جي استعمال بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو ته واضع طور تي ۽ مستقل جيڪڏهن ڪو لفظ استعمال ڪيو ته جيڪڏهن دشمن اسان جي ملڪ خلاف طاقت استعمال ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪندو ته فوج بنا ڪنهن هٻڪ جي سموري جارحاڻي طاقت استعمال ڪندي .اي??مي هٿيارن جي استعمال کي به نه روڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي سپر پاور ۽ اي??مي طاقت بڻجڻ طرف اسان جو قدم تيز هوندو. ياد رهي ته اتر ڪوريا ڪيترن ڏهاڪن کان اي??مي هٿيارن جو پروگرام هلائي رهيو آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته ان ملڪ وٽ اي??مي هٿيار ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻو اي??مي مواد موجود آهي . هن زمين هيٺ 6 اي??مي ڌماڪا به ڪيا آهن.
اتر ڪوريا ايٽمي هٿيان سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف گامزن
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب