پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تعليم واري وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پ??بن??ي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي واضح قائدا ڏنا ويندا. واضح رهي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اسڪولن ۾ مذهبي علامت سخت پ??بن??ي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ادارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن رهنما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ اسڪارف پائڻ تي پ??بن??ي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پ??بن??ي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد