بيجنگ -24 آڪٽوبر (اي پي پي) ??ين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته ??ين فلسطين مسئلي جي حل جي جائز ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. ??ين جي پرڏيهي کاتي مطابق ??ين جي پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزي?? ايمبري عبدالقادر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ويچار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي سمورين ڌرين کي مستقل امن لاءِ عالمي اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ گهرجي ۽ چيو ته هو فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جا??ز مطالبن جي حمايت ڪن ٿا. وانگ يي چيو ته ??ين اهڙي ڪنهن به حملي خلاف اهي جنهن سان معصوم شهرين کي نقصان پهچي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي، اسان هميشه امن، عالمي قانون ۽ فلسطين مئسلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جا??ز مطلبن سان گڏ بيٺا آهيون. ??ين جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو غزه پٽي جي صورتحال تي ڏکڻ اوڀ?? ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي گڏيل بيان جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن جنگ ۽ امن جي ڳالهه ايندي آهي ته سمورين ڌرين تي جاگرافيائي ۽ سياسي خدشن کي هڪ طرف رکڻ گهرج??. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جنگ بندي، جنگ جي خاتمي، شهرين جي تحفظ، ڳالهين ۽ امن ڳالهين کي هٿي وٺائڻ لاءِ ??ين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريون ٿا ته هو ٻه رياستي حل ۽ وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ تي متفق آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اميد ٿا ڪيون ته ??ين ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته تڪراري ڌريون جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي واپس اچن.
فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪيون ٿا: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات