لنڊن – 15 جنوري (اي پي پي) دن??ا جي پنج امير ترين ??ردن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ دن??ا جي 5 ارب آبادي غربت جو شڪار ٿي. اردو نيوز مطابق برطانوي امدادي اداري اوڪسفيم جي رپورٽ مطابق انهن پنج شخصيتن جي مجموعي دولت 405 ارب ڊالر هئي جيڪا 2020 کانپوءِ کان وڌي 860 ارب ڊالر ٿ?? وئي آهي. رپورٽ مطابق ان ئي عرصي ۾ دن??ا جي اٽڪل پنج ارب آبادي غريب کان غريب تر هوند?? وئي. ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سومر تي جاري ڪيل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020 جي ڀيٽ ۾ اڄ ارب پتي ماڻهن جي دولت 3.3 ارب ڊالر وڌيڪ آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ان ڏهاڪي جي شروعات کان ئي دن??ا جي معيشت ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي جنهن ۾ پهرين ??مبر تي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا هئي. اوڪسفيم ان رپورٽ ذريعي عالمي سطح تي وڌندڙ اڻ برابري جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي جڏهن امير ڪمپنيون ۽ ماڻهو وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا وڃن. ان عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ لک پتي ماڻهن تي ويلٿ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏن?? وئي آهي جنهن مان هر سال 1.8 کرب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا. برطانوي اخبار گارڊين ??طابق دن??ا جي پنج امير ترين ??اڻهن ايلون مسڪ، برنارڊ آرنلٽ، جيف بزوس، ليري ايلسن ۽ مارڪ زڪربرگ جي دولت ۾ 464 ارب ڊالر يعني 114 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. دن??ا جو هڪ سيڪڙو امير طبقو سڄي دن??ا جي 59 سيڪڙو مالي اثاثن جو مالڪ آهي جن ۾ اسٽاڪ، شيئرز ۽ بانڊز پڻ شامل آهن. فوربز ميگزين ??طابق دن??ا جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ جي دولت 230.2 ارب ڊالر آهي جڏهن ته امير ترين ??اڻهن جي لسٽ ۾ ٻئين ??مبر تي برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان آهي جيڪو فيشن برانڊ لوئي وٽان جو مالڪ آهي. برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان جي ڪل اثاثن جي ماليت 182.4 ارب ڊالر آهي. ٽئين ??مبي تي ايمازون جو مال جيف بيزوس آهي جنهن جي دولت 176.9 ارب ڊالر آهي، چوٿين ??مبر تي سافٽ ويئر ڪمپني اوريڪل جو مالڪ ليري ايليسن آهي جنهن جي اثاثن جي ماليت 135.2 ارب ڊالر آهي جڏهن ته پنجين ??مبر تي فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ آگي جنهن جي دولت 132.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئ?? وئي آهي.
دنيا جي پنج امير ترين شخصيتن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو، اوڪسفيم جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر