بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پر??يهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين د??ر ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿ?? ملندي. هن چيو ته هلندڙ سا?? چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سا??گره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين د??ر ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿ?? وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سا?? ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری