قاهره -18 مارچ (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته يورپي يونين ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اٽڪل 7.4 بلين يورو (8.06 بلين آمريڪي ڊالر) جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خابرو اداري مطابق هن اهي رمارڪس دورو ڪندڙ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليين ۽ بل??ڪ جي ٻين اعليٰ عهديدارن سان گڏيل طور تي منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن اعلان ڪيو ته مصر ۽ يورپي يونين گڏيل سهڪار جي رستي تي گامزن ٿيڻ لاءِ هڪ گڏيل سياسي پ??رنامي تي صحيحيون ڪيون ??هن. مصر جي ايوان ??در جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي پئڪيج بنيادي طور تي مصر جي معيشت کي 3 رخن رعائتي فنانسنگ، سيڙپڪاري جون ??مانتون، ۽ ٻه طرفي سهڪار جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ جي فني مدد تي ڌيان ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار