تهران-03 اپريل (اي پي پي)ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايران جي سفار??خا??ي تي اسرائيلي حملي تي واضع رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترش سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران امن سلامت?? کي برقرار رکڻ لاءِ ان تنظيم جي ذميواري طرف اشارو ڏيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کان تازن ڏوهن تي واضع ۽ مناسب رد عمل ڏيڻ ۽ مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، واضع رهي ته 1 اپريل تي اسرائيل جي هوائي فوج دمشق ۾ هڪ عمارت تي حملو ڪيو، ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اها عمارت ايراني قونصل خاني جي هئي. حملي ۾ ستن ع??دي??ارن جي مارجي وڃڻ جا پڻ اطلاع آهن.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II