ڪراچي – 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آپريشنل مش?? رباط 2018ع ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي. مش?? جي افت??اح?? سيشن ۾ وائيس چيف آف ن??ول اسٽاف وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت خصوصي مهمان هو. جاري ڪيل پڌرائي موجب رباط سيريز جي مش??ن ۾ روايتي کان وٺي غيرروايتي تائين بدلجندڙ ڊگهي مدي وارن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي جنگي حڪمت عملين جي جاچ ۽ انهن جو عملي مظاهرو ڪيو وڃي ٿو. مشق ?? بحيره عرب جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جا گڏيل آپريشنز شامل هوندا. مش?? جي افت??اح?? سيشن کي خطاب ڪندي وائيس چيف آف ن??ول اسٽاف پاڪ بحريه جي جنگي تياري تي زور ڏنو ۽ چيو ته گڏيل جنگي مش??ون جديد جنگي حڪمت عملي جو بنياد آهن جنهن سان ملڪ جي دفاع لاءِ تربيت جا موقعا ملن ٿا.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ