نارووال – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ايندڙ عام چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب ٿيندي، جمهوريت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، هر اداري کي پنهنجي ??ئي??ي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت بجلي ۽ گئس جي بحرانن کي منهن ڏيڻ سا?? گڏوگڏ انفراسٽرڪچر جا وڏا منصوبا مڪمل ڪيا، امن امان بحال ڪيو، اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سا?? آهي جن ??ٽ پنهنجي حڪومت جي دور جي ڪو منصوبو عوام کي ٻڌائڻ لاءِ نه آهي پر اسان جي منصوبن تي الزام بازي ۽ تنقيد جو سهارو آهي، مشرف ۽ زرداري جي 15 سا??ا دور ۾ ڪو وڏو منصوبو مڪل نه ٿيو، نواز شريف پنهنجي عمل سا?? ثابت ڪيو ته (ن) ليگ ملڪ ۾ شرافت، عزت ۽ وقار جي سياست ڪري ٿي جيڪي پاڻ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، اهي رڳو الزام لڳائين ٿا. هو نارووال ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سا?? نارووال کي سيالڪوٽ لاهور موٽروي سا?? ڳنڍڻ جي چئن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پهرين کان وڌيڪ سيٽون کڻندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ