گڏيل قومون -07 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يوني??يف ) جبري لڏ پلاڻ ۽ حملي خلاف خبردار ڪندي چيو آهي ته غزه جي ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي . عرب نيوز موجب يوني??يف هڪ لکت واري بيان ۾ اسرائيلي فوج پاران رفع جي اوڀر پاسي ڪجهه علائقن کي خالي ڪرڻ جي هدايت کان پوءِ جاري ڪيو آهي ته بي گهر فلسطينين کي پناهه ملي سگهي . بيان ۾ ان ڳالهه جو اشارو ڪيو ويو آهي ته لکين ٻار ??خمي ، بيمار ?? غذائي کوٽ صدمي جو شڪار ۽ معذوري جي حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. يوني??يف ٻارن کي زبردستي بي گهر نه ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي حفاظت جو مطالبو ڪيو آهي . غزه ۾ انساني صورتحال بدتر ٿيندي ٿي وڃي. رفح تي فوجي حملي جا 6 لک ٻارن لاءِ سنگين نتيجا هجڻ تي خبردار ڪندڙ بيان ۾ چيو آهي ته انهن علائقن ۾ ٻارن جو انگ تمام وڌيڪ آهي . بيان ۾ ا ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ان علائقي ۾ 12 لک ماڻهن پناهه ورتي آهي يو??يف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ته رفح هاڻي انهن ٻارن جو شهر آهي جن وٽ غزه ۾ وڃڻ لاءِ ڪا به محفوظ جڳهه ناهي جيڪڏ??ن وڏي پيماني تي فوجي آپريشن شروع ٿيندو آهي ته جسماني ۽ ذهني صورتحال جي اعتبار ??ان مشڪلاتون درپيش ٻار نه صرف تشدد بلڪي افراتفري ۽ خوف حراس کان به متاثر ٿيندا بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 78 هزار ۽ 5 سالن کان گهٽ جا هڪ لک 75 هزار ٻار ??هن ٻن سالن کان گهٽ عمر جا 88 هزار ٻار ??ديد غزائي کوٽ جو شڪار ??هن 65 هزار ٻار معذور آهن سمورن ٻارن کي نفسياتي مدد جي رورت آهي .
غزه ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي: يونيسف
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری