تيونس _12 ڊسمبر (اي پي پي) تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فو?? جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق تيونس ۾ تعليم واري وزارت ڊيجيٽل تشدد جي وڌندڙ رجحان کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ نظم وضب?? کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ اسڪولن ۽ ادارن اندر سمارٽ فون کڻي وڃڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزارت جو اهو قدم هڪ استاد جو پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪرڻ جي واقعي بعد کنيو ويو. ان استاد کي پنهنجي شاگردن طرفان هڪ آن لائن بدمعاشي جي مهم کي منهن ڏيڻو پيو. ان استاد جي ويڊيو ٺاهي وئي ۽ ان کي سوشل ميڊيا سائٽس تي شايع ڪيو ويو هو. تعليم واري وزارت پنهنجي اخ??يا?? جي دائري تحت علا??قا??ي وفدن کي موڪليل هڪ ميمورنڊم ۾ اسڪولن ۽ ادار?? جي پرنسپلز کان مطالبو ڪيو ته هو شاگردن ۽ والدين کي آگاهه ڪن ته ڪنهن به سبب تعليمي ادارن ۾ سمارٽ موبائل فون آڻڻ منع آهي. وزارت اهو به حڪم ڏنو ته اسڪول اندر فوٽوگرافي تي سختي سان پابندي لاڳو ڪئي وڃي. رڳو اسڪول جي پرنسپل جي اجازت سان ئي فوٽوگرافي جي اجازت ڏني وڃي.
تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز