شور ڪورٽ – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف 2018ع تائين ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستاني ??وم ۾ شعور ۽ پختگي اچي چڪي آهي ۽ هاڻي اها ڪم ??سي فيصلا ڪري ٿي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هو شورڪوٽ ۾ موٽروي ايم فور منصوبي جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو ??و. ??ن موقعي تي شورڪوٽ مان قومي اسيمبلي ميمبر صاحبزاده نذير سلطان ۽ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري خالد مسعود چوڌري پن خطاب ڪيو. پنجاب جو گورنر رفيق رجوانه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ۾ چين جو سفير، اين ايڇ اي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته اڄ ??وم مايوسين جي اونداهين مان نڪري اميد جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏ??و آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش