اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪالهه تائين فيصلو هو ته جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ ج?? فيصلو ايندو چاهي اهو حق ۾ اچي يا مخالف ۾ ان ڏينهن وزا??ت ۽ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس، پر دوستن جي ملاقات کانپوءِ فيصلو ت??ديل ڪري ڇڏيو، آئ??ن ڪنهن سان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي، آئون ناراض ڇو ٿيندس. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته اڄ منهنجي زندگي ۾ مشڪل ترين پريس ڪانفرنس آهي. هن چيو ته آئ??ن ڪنهن کان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي آئون ڀلا ناراض ڇو ٿيندس مون سدائين پنهنجي ذات کي هڪ طرف رکي پنهنجي زندگي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي لاءِ داءُ تي لڳائي آهي آئون 33 سالن کان هر اجلاس ۾ موجود هوندو آهيان اوچتو ڏيڍ مهيني کان سينئر ترين مشاورت ۾ مون کي نه ??هر??يو ويو ان دوران قومي سلامتي ڪميٽي ۽ ڪابينا جا اجلاس ٿيا مون انهن ۾ شرڪت ڪئي.
دوستن سان ملاقات کانپوءِ پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز